سومرن جو دؤر

سومرن جو دؤر

سومرن جو دؤر

سومرن جو دؤر (ڪتاب) ٻه ڀاڱا: هيءُ ڪتاب، دودي-چنيسر جي ڳالهه ۽ ٻئي روايتي ذخيري جي روشنيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي نامور عالم ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق تي مبني آهي. هيءُ ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي، ڀاڱي پهرئين ۾ دودي-چنيسر جي ڳالهه جو تفصيلي وچور ۽ ويچار، ڪل ڇهن بابن تي مشتمل آهي، ڀاڱي ٻئي ۾ سومرن ۽ سندن دور بابت تاريخي اهميت وارو مواد پڻ ڇهن بابن تي مشتمل آهي ۽ آخر ۾ ضميمو ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ دودي- چنيسر جي ڳالهه کان سواءِ سومرن جي دؤر ۽ سومرن بابت ٻيو روايتي ذخيرو شامل ڪيو ويو آهي. ڪتاب بابت بورڊ جو سيڪريٽري اعجاز منگي لکي ٿو ته: ”تاريخ جي حوالي سان هيءُ ڪتاب، سومرا دور جي ٻن تاريخي ۽ جنگي ڪردارن دودي ۽ چنيسر جي ڳالهه تي مشتمل هڪ تاريخي جُنگ ڪيڏارو يا ڪوپائي ڪٿا آهي. هن ڳالهه جو پسمنظر تاريخي آهي. انهيءَ ڪوپائي ڪٿا جا تاريخي ماخذ سيني به سيني هلندڙ لوڪ روايتن تي ٻَڌل آهن، جيئن ته هن ڪتاب سان لاڳاپيل تذڪرن جو تعلق هڪ ڀرپور تاريخي دؤر سان آهي، تنهنڪري هن ڪتاب جو مطالعو به اوترو ئي دلچسپيءَ ۽ معلومات سان ڀريل آهي.“
ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي. هيءُ ڪتاب سنڌ جي تاريخ جي بهادر ڪردار دودي سومري جي داستان تي ٻڌل تاريخي دستاويز آهي، هن موضوع تي هي پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ دودي ۽ چنيسر واري روايتي قصي سان گڏ سومرن جي دؤر جو به تفصيلي ۽ تحقيقي جائزو ورتو ويو آهي.
ڊيمي سائيز ۾ ڪچي جلد سان ڇاپو پهريون سيپٽمبر 1980ع ۾، ۽ ڇاپو ٻيو 2006ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد پاران ڇپجي پڌرو ٿيو، 348 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 165 رپيا آهي.


لفظ سومرن جو دؤرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو